دبئي (ويب ڊيسڪ)انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) مينز ٽي 20 ڪرڪيٽر آف دي ايئر لاءِ نامزدگين جو اعلان ڪيو ويو آهي.ڀارت جي ارشد سنگهه کي آءِ سي سي مينز ٽي 20 ڪرڪيٽر آف دي ايئر لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي، هن 18 ميچن ۾ 36 وڪيٽون ورتيون.ان کان علاوه زمبابوي جي آل رائونڊر سڪندر رضا کي به ايوارڊ لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي، هن 24 ميچن ۾ 573 رنسون ٺاهيون ۽ 24 وڪيٽون ورتيون.پاڪستان جي بابر اعظم کي به آءِ سي سي مينز ٽي 20 ڪرڪيٽر آف دي ايئر لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي.بابر اعظم 24 ميچن ۾ 738 رنسون ٺاهيون جنهن تي کيس هن ايوارڊ لاءِ نامزد ڪيو ويو. 15 ميچن ۾ 539 رنسون اسڪور ڪندڙ آسٽريليا جي ٽريوس هيڊ کي به ايوارڊ لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي.










