ڪنڌڪوٽ (غالب بلوچ) بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ عظيم سبزوئي ۾ نامعلوم چور چار مينھون ڪاھي ويا.ڀاڳين پاران چورن جو پيرو کڻندي دراني مھرٿاڻي جي حد ۾ رھندڙ بدنام ڌاڙيل خادم ڀيو جي گھرن ۾ پيرو وڌو ويو ته خادم ڀيو پاران پنھنجي ساٿين جي مدد سان پنجاھ کان وڌيڪ ڀاڳين مٿان فائرنگ ڪندي پنج ڀاڳيا زخمي ڪري ڇڏيا. جن ۾ پيربخش سبزوئي، لکمير سبزوئي، شاھ مراد سبزوئي، شھمور ۽ جمعدار سبزوئي شامل آھن. جڏھن ته واقعي خلاف ڳوٺاڻن پاران ڪنڌڪوٽ انڊس ھائي وي تي رڪاوٽون وجھي ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪيو جنھن سبب روڊ جي ٻنھي پاسن کان سوين مسافرگاڏيون بيھجي ويون ۽ مسافر پريشان ٿيندا رھيا. احتجاجين جو چوڻ آھي ته ڌاڙيلن پاران ٻن ڳوٺاڻن کي به يرغمال ڪري ويھاريو ويو آهي پر انهن جا نالا هنن نه ڏنا. ان موقعي تي اي.ايس.پي ڪنڌڪوٽ سعد ارشد ڌرڻي واري ھنڌ پھچي يرغمالين کي بازياب ڪرائڻ، ڪيس داخل ڪرڻ ۽ مينھون واپس ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي روڊ کولرايو.










