اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان ۾ پوليو وائرس جا وڌيڪ 3 نوان ڪيس سامهون آيا آهن.صحت واري وزارت جي ذريعن ٻڌايو آهي ته ملڪ ۾ پوليو وائرس جا ڪيس وڌي رهيا آهن.ذريعن جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ پوليو سبب وڌيڪ 3 ٻارڙا متاثر ٿيا آهن، جنهن کانپوءِ متاثر ٻارڙن جو انگ 55 ٿي ويو آهي.ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته پوليو سبب متاثر 2 ٻارڙن جو تعلق بلوچستان ۽ هڪ جو تعلق خيبرپختونخواهه سان آهي. بلوچستان ۾ پوليو وائرس سبب متاثر ٻارڙن جو انگ وڌي 26 ٿي ويو آهي ۽ خيبرپختونخواهه ۾ به متاثر ٻارڙن جو انگ وڌي 14 ٿي ويو آهي.ذريعن موجب سنڌ ۾ هن وقت تائين 13 ٻار پوليو جو شڪار ٿي چڪا آهن جڏهن ته اسلام آباد ۽ پنجاب ۾ هڪ هڪ ٻار پوليو جو شڪار ٿيو آهي.ٻئي طرف ان حوالي سان بلوچستان جي صحت کاتي جو چوڻ آهي ته پوليو جا نوان ڪيس زوب ۽ جعفرآباد ضلعن مان رپورٽ ٿيا آهن، هي هلندڙ سال ژوب مان پوليو جو ٽيون ۽ جعفر آباد مان ٻيو ڪيس سامهون آيو آهي.ان کان اڳ فورٽ عبدالله ۾ پوليو جا 6، ڪوئيٽا مان 3، قلعي سيف الله، پشين ۽ چمن مان 2، جڏهن ته ڊيرا بگٽي، چاغي، جهل مگسي، خاران، نوشڪي ۽ لورالائي مان هڪ هڪ ڪيس رپورٽ ٿيو آهي .










