احتجاج کان اڳ ئي پي ٽي آءِ پشاور ۾ اختلاف، اڳواڻن جي استعيفيٰ

احتجاج کان اڳ ئي پي ٽي آءِ پشاور ۾ اختلاف، اڳواڻن جي استعيفيٰ

پشاور: (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي 24 نومبر تي احتجاج کان اڳ ئي پشاور جي ضلعي تنظيم ۾ اختلاف سامهون اچي ويا آهن.پشاور سٽي جي سينئر نائب صدر ملڪ اسلم ۽ جنرل سيڪريٽري تقدير علي پنهنجن عهدن تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏيو آهي. تقدير علي پنهنجي استعيفيٰ جو باضابطه اعلان وڊيو پيغام جي ذريعي ڪيو.سينئر نائب صدر ملڪ اسلم به استعيفيٰ هٿ سان لکي ٰ پارٽي قيادت کي پيش ڪري ڇڏي ذريعن موجب ڊسٽرڪٽ پشاور مان وڌيڪ عهديدارن جي استعيفيٰ اچڻ جو امڪان آهي، ٻڌايو پيو وڃي ته اختلاف عهدن جي ورهاست تي سامهون آيا آهن.ذريعن موجب استعيفائون ڏيندڙ عهديدارن کي پرچائڻ لاءِ ضلعي قيادت مصروف آهي، نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي پي ٽي آءِ پشاور جي ريجن صدر ارباب عاصم چيو ته پارٽي ۾ معمولي اختلاف ٿيندا رهندا آهن. عهدن جي ورهاست جو مسئلو جلد حل ٿي ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو