ع ب ۽ و سان شروع ٿيندڙ نالن وارن لاءِ ايسٽرولوجي الرٽ

عمر ڪوٽ (ن س) نامياري ستارن جي علم جي ماهر ڀڳوانداس جٽيا ايسٽرولوجي الرٽ جاري ڪندي چيو آهي تي ع، ب ۽ و جي حرفن سان شروع ٿيندڙ نالن وارن ماڻهن کي 20 نومبر کان 15   جنوری تائين احطياط ڪرڻ جي صلاح ڏني آهي. هندي ايسٽرولوجي بابت لال ڪتاب جي آڌار تي ڪيل سندس تحقيق موجب انهن نالن وارا جذباتي پڻ کان پاسو ڪن، تڪرار، لکپڙه، ضمانت، جهيڙي جهڳڙي ۽ ڏيتي ليتي کاب به پرهيز ڪن.

ڇو ته ڄاڻايل عرصي دوران سندن نالن جي خانن ۾ مريخ جي نظر رهندي جيڪو سٺو سنوڻ ناهي. هو ان عرصي دوران ذهني دٻاءَ جو شڪار به رهندا. سندن خرچن ۾ اضافي جو به امڪان آهي هو فضول خرچي کان به پاسو ڪن، صبر ۽ درگذر ڪرڻ کان ڪم وٺن. انگريزي ۾ E, I and Bحرفن جي نالن وارا هن دائري ۾ اچن ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو