اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني نيب جي دائري اختيار بابت ڪيس ۾ رمارڪس ڏنا آهن ته بغير ڏندن واري نيب جو مزو ڪريو ۽ عوام به،ڪرپشن جا 100 کان وڌيڪ وڏا ڪيس ختم ٿي ويا آهن، ڪرپشن ڪيسن جا جوابدار به پرڏيهه هليا ويا آهن.اڄوڪي ٻڌڻي جي موقعي تي هن چيو ته ڪرپشن ڪيس جي جاچ شروع ڪرڻ کان اڳ نيب جاچ ڪري ته هاڻي جاچ ڪري سگهي ٿي يا نه،جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته پارليامينٽ اربين رپين جا ڪرپشن ڪيس ختم ڪري ڇڏيا آهن.هن چيو ته پارليامينٽ جڏهن هوش ۾ ايندي ته گهڻي دير ٿي چڪي هوندي.










