صاف سُٿري سنڌ جي عنوان سان ٿر ۾ آگاهي مهم شروع

صاف سُٿري سنڌ جي عنوان سان ٿر ۾ آگاهي مهم شروع

مٺي (لياقت نھڙيو) سامي فائونڊيشن طرفان گورنمينٽ پاڙها ڪالوني پرائمري اسڪول ۾ هڪ تقريب رکي ويئي جنهن ۾ اسڪول جي استادن سيد رياض حسين شاهه، ڀٽو عمراڻي، هريش ڪمار، اسڪولي شاگردن ۽ سماجي اڳواڻ عاشق علي بجير، سامي فائونڊيشن جي پروجيڪٽ مئنيجر جيتندر ڪمار،ن جمه ملاح، دسرت آچاريه، ثنااللّه ڪنڀر ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

تقريب کي خطاب ڪندي سامي فائونڊيشن جي پروجيڪٽ مينيجر جيتندر ڪمار چيو ته اسان صاف سٿري سنڌ جي عنوان سان ٿر جي 400 ڳوٺن ۾ پروگرام شروع ڪري رهيا آهيون جنهن ۾ ڳوٺاڻي ليول تي سيمينار منعقد ڪري صاف سٿرائي جي حوالي سان سجاڳي پيدا ڪنداسين. وڪيل عاشق بجير چيو ته صاف سٿرائي جي حوالي سان ڳوٺاڻي ليول تي پروگرامن جي ضرورت آھي صفائي سٿرائي نه هئڻ ڪري ئي مختلف بيماريون جنم وٺن ٿيون. آخر ۾ صاف سٿري سنڌ جي عنوان سان هڪ آگاهي ريلي پڻ ڪڍي وئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو