اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته علامه اقبال جي شاعري عمل ۽ خود شناسيءَ جي ابدي دعوت آهي.پاڪستان جي مفڪر علامه ڊاڪٽر محمد اقبال جي 147هين جنم ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته علامه محمد اقبال هڪ بصيرت رکندڙ شاعر، فلسفي ۽ بلند پايي جي شخصيت هو.هن چيو ته علامه اقبال جي فڪر ۽ لکڻين جو نه رڳو برصغير پر گهرو اثر پيو، اقبال جي فلسفي برصغير جي مسلمانن کي متحد ڪيو ۽ کين الڳ وطن جو خواب ڏنو.وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جو قيام پاڪستان جي مصور جي تصور مان آيو.










