ڪراچي(اسٽاف رپورٽر )اينٽي ٿيفٽ سيل واٽر ڪارپوريشن سنڌ رينجرز سان گڏجي ڪري پاڻي چورن خلاف ڪارروائي ڪندي 11 غير قانوني هائيڊرنٽس کي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو ۽ 15 واٽر ٽينڪرز ۽ 9 ٽريڪٽر ٽراليون ضبط ڪيون ويون گڏيل آپريشن منگھو پير چڪرا ڳوٺ ڪورنگي حب ڪئنال ۽ الطاف نگر نادرن باءِ پاس جي پاسي ڪيو ويو اختيارين موجب هٿ آيل واٽر ٽينڪرز ۽ ٽريڪٽر ٽراليون غير قانوني طور حب ڪئنال مان پاڻي چوري ڪري شهر جي مختلف علائقن ۾ مهانگي اگھ تي وڪرو ڪندا ھئا ۽ چڪرا ڳوٺ ڪورنگي ۾ ڊاهي پٽ ڪيل غير قانوني هائيڊرنٽ سان ڳنڍيل 48 ۽ 33 انچ لائين کي پڻ مڪمل طور ڪٽيو ويو آھي.










