ٽالهي (ن س )ٽالهي ويجهو 11 هزار بجلي جي تار مان ڪرنٽ لڳڻ سبب ماءُ ڌيءُ فوت ٿي ويون، جڏهن ته هڪ عورت زخمي پڻ ٿي پئي آهي. ڳوٺ نصير چانڊيو ۾ ٽن عورتن کي 11 هزار وولٽيج بجلي جي تار ڪرڻ سبب بجليءَ جو ڪرنٽ لڳو. ڪرنٽ لڳڻ سبب گوري ڌيءُ رتنو ڪولهي ۽ ناجو زال رتنو ڪولهي فوت ٿي ويون، جڏهن ته مروان زال ڄام ڪولھي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو. فوتي ماءُ ڌيءُ جا لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.










