سينٽرل ڪانٽريڪٽ جو اعلان، سرفراز، فخر، عماد، امام ۽ افتخار ٻاهر

سينٽرل ڪانٽريڪٽ جو اعلان، سرفراز، فخر، عماد، امام ۽ افتخار ٻاهر

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) سينٽرل ڪانٽريڪٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو، 25 قومي ڪرڪيٽرن کي سينٽرل ڪانٽريڪٽ جي آڇ ڪئي وئي آهي.بابر اعظم ۽ محمد رضوان کي اي ڪيٽيگري ۾ شامل ڪيو ويو آهي جڏهن ته شاهين آفريدي ۽ نسيم شاهه کي بي ڪيٽيگري ۾ شامل ڪيو ويو آهي جڏهن ته شان مسعود جي بي ڪيٽيگري ۾ شموليت ڪپتاني سان مشروط آهي. 5 اڀرندڙ ڪرڪيٽرن کي به سينٽرل ڪانٽريڪٽ ڏنو ويو جڏهن ته عبدالله شفيق، شاداب خان ۽ ابرار احمد کي سينٽرل ڪانٽريڪٽ جي سي ڪيٽيگري ۾ شامل ڪيو ويو آهي. سينٽرل ڪانٽريڪٽ جي سي ڪيٽيگري ۾ سلمان آغا، سعود شڪيل، حارث رئوف، صائم ايوب ۽ ساجد خان کي شامل ڪيو ويو آهي جڏهن ته نعمان علي جي شموليت فٽنس جي بنياد تي آهي. سينٽرل ڪانٽريڪٽ جي ڊي ڪيٽيگري ۾ عامر جمال، محمد وسيم جونيئر، محمد هريرا، مير حمزا، خرم شهزاد، محمد علي، عثمان خان، عرفان خان نيازي، حسيب الله خان، عباس آفريدي ۽ ڪامران غلام کي شامل ڪيو ويو آهي.سرفراز احمد، محمد نواز ۽ عماد وسيم کي سينٽرل ڪانٽريڪٽ نه ملي سگهيو جڏهن ته فهيم اشرف، افتخار احمد ۽ احسان الله کي به آئوٽ ڪيو ويو.ان کانسواءِ طيب طاهر، شاهنواز دستي، محمد حارث، زمان خان، ارشد اقبال، حسن علي، اسامہ مير، فخر زمان ۽ امام الحق به ڪانٽريڪٽ حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا.

پهنجو تبصرو موڪليو