لڪي مروت ۾ خوارجن جو مسجد تي حملو،ڪيڊٽ شهيد

لڪي مروت ۾ خوارجن جو مسجد تي حملو،ڪيڊٽ شهيد

لڪي مروت (ويب ڊيسڪ)لڪي مروت ۾ خوارج مسجد تي حملي دوران دهشتگردن سان مقابلو ڪندي پاڪستان ملٽري اڪيڊمي (پي ايم اي) جو ڪيڊٽ عارف الله شهيد ٿي ويو.پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب خوارج لڪي مروت ۾ مغرب جي نماز دوران مسجد تي حملو ڪيو.آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته خوارج جيئن ئي فائرنگ شروع ڪئي ته ڪيڊٽ فوري جوابي ڪارروائي ڪئي ۽ ڪيڊٽ عارف الله بهادري سان خوارج جو مقابلو ڪيو.آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته فائرنگ جي تبادلي ۾ 19 ورهين جو ڪيڊٽ عارف الله شهيد ٿي ويو، جنهن پنهنجي جان جو نذرانو ڏئي بيگناهه نمازين جون جانيون بچائي ورتيون.آءِ ايس پي آر موجب عبادت دوران عبادت ڪندڙن تي حملو خوارج جي حقيقي ذهنيت کي ظاهر ڪري ٿو، نوجوان ڪيڊٽ جو هي بهادري وارو عمل سڪيورٽي فورسز جي عزم جو ثبوت آهي، اهڙيون قربانيون اسان جي عزم کي مضبوط ڪن ٿيون.

پهنجو تبصرو موڪليو