پشاور (ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخواه ضلعي جي ملاگوري ٿاڻي جي حد ۾ دهشتگردن پوليس اسٽيشن تي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويو.ضلعي پوليس آفيسر راءِ مظهر اقبال موجب ملاگوري پوليس اسٽيشن خيبر ضلعي جو ڏورانهن آفت وارو علائقو آهي، جتي دهشتگردن ويجهو جبلن ۾ ملاگوري پوليس اسٽيشن جي عمارت تي حملو ڪيو.ڊي پي او ٻڌايو ته فائرنگ ۾ سنائپر گن ۽ خودڪار هٿيارن جو استعمال ڪيو ويو، جنهن ۾ هڪ پوليس اهلڪار ثاقب خان موقعي تي ئي شهيد ٿي ويو، جڏهن ته پوليس جي جوابي فائرنگ سبب دهشتگرد فرار ٿي ويا.ڊي پي او جو چوڻ هو ته پوليس هاءِ الرٽ جاري ڪري مختلف هنڌن تي ناڪابندي ڪري ڇڏي آهي ۽ دهشتگردن جي ڳولا جاري آهي.ٻئي طرف بنون جي علائقي بکا خيل ۾ رات دير سان دهشتگردن پوليس اسٽيشن تي حملو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيو، جڏهن ته جوابي فائرنگ ڪري دهشتگرد فرار ٿي ويا.










