لاڙڪاڻو:(ن س) لاڙڪاڻي شهر جي حيدري ٿاڻي جي حد ايوب ڪالوني ۾ سڱاوتي تڪرار تان هٿياربندن گهر تي چڙهائي دوران گهر ۾ داخل ٿي هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا جنهن جي نتيجي ۾ 60 ورهين جي پيرسن رحيمان زال بهرام کٽياڻ ۽ سندس 24 ورهين جي ڏوهٽي صدره کٽياڻ کي گوليون هڻي فرار ٿي ويا،اهڙي اطلاع تي پوليس پهچي زخمي عورتن کي کڻائي ٽراما سينٽر منتقل ڪيو جتي ڊاڪٽرن پيرسن عورت رحيمان کٽياڻ جي فوت ٿي وڃڻ جي تصديق ڪري ڇڏي. جڏهن ته سندس ڏوهڙي صدره جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.ان موقعي تي مقتولا عورت جي وارثن ٻڌايو ته اسان جو ذوالفقار بليدي وارن سان پراڻو سڱاوتي تڪرار هلندڙ آهي جنهن معاملي تان اڄ ذوالفقار بليدي پنهنجي هڪ عورت ۽ ٻين هٿياربندن سان گڏجي گهر ۾ داخل ٿي فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ رحيمان کٽياڻ قتل جڏهن ته سندس ڏوهٽي صدره کي زخمي ڪري فرار ٿي ويا آهن. هنن مطالبو ڪيو ته قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.










