خان جي ڀينرن عليما ۽ عظميٰ خان جي بازيابي لاءِ بيلف مقرر

خان جي ڀينرن عليما ۽ عظميٰ خان جي بازيابي لاءِ بيلف مقرر

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن عدالت پي ٽي آءِ جي باني ڀينرن عليما خان ۽ ڊاڪٽر عظميٰ خان جي بازيابي لاءِ بيلف مقرر ڪري ڇڏيو،ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج محمد افضل مجوڪا خالد يوسف چوڌري جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران درخواستگذار جو وڪيل فيصل فريد چوڌري پيش ٿيو.عدالت فهيم داد کي بيلف مقرر ڪندي 7 آڪٽوبر تي بيلف جي رپورٽ طلب ڪري ورتي.ان کان اڳ اڄ عليما خان، عظميٰ خان ۽ ٻين سياسي ڪارڪنن جي گرفتارين خلاف درخواست داخل ڪئي وئي هئي.پي ٽي آءِ جي وڪيل خالد يوسف چوڌري ايڊووڪيٽ فيصل چوڌري ذريعي اسلام آباد جي سيشن ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي هئي.درخواست ۾ وفاق، آءِ جي پوليس، ڊي آءِ جي سيڪيورٽي، ايس ايڇ او پوليس اسٽيشن سيڪريٽريٽ ۽ ايس ايڇ او وومين پوليس کي ڌر بڻايو ويو.درخواستگذار چيو ته افسوس جي ڳالهه آهي ته حڪومت پرامن احتجاج جي اجازت به نه ڏئي رهي آهي، عليما خان ۽ عظميٰ خان کي گذريل ڏينهن ڊي چوڪ تان حراست ۾ ورتو ويو هو، ان باوجود کين ڪنهن به عدالت ۾ پيش نه ڪيو ويو ۽ نه ئي ڪنهن ڪيس جو ٻڌايو ويو.درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته قانون موجب ڪنهن به شهري کي گرفتاري وقت گرفتاري جا سبب ڄاڻڻ گهرجن، ڪيس داخل ڪرڻ کانسواءِ گرفتاريون غير قانوني آهن.درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته پوليس جي غيرقانوني حراست مان بازيابي لاءِ جوڊيشل بيلف مقرر ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو