مٺي(لياقت نھڙيو) ڳوٺ قبولاڻي ۾ ھڪ نوجوان پاران ڪراچي جي مختلف بنگلن تي بورچي وارو ڪم ڪندي ڳوٺ جي 80 ٻارن جو مستقبل سنوارڻ لا جهوپڙا اسڪول ٺاهي ورتو آهي. ڳوٺاڻي پانڌي راهمون جي محنت سان آس پاس جي 4 کان 5 ڳوٺن جا ٻارڙا جهوپڙا اسڪول ۾ روزانو تعليم پرائڻ لا 3 کان 4 ڪلوميٽر پنڌ ڪري جهوپڙا اسڪول ۾پڙھائي لاءِ اچن ٿا. ڳوٺاڻي پنهنجي مزدوري مان هڪ استاد کي به مقرر ڪيو آهي جنهن جي پگهار به هو پنهنجي پورهئي مان ڏئي ٿو پر اسڪول رجسٽرڊ نه هئڻ ۽ اسڪول ۾ معصوم ٻارڙن کي فرنيچر ڪتاب ۽ ٻين شين جي کوٽ هجڻ سبب هو سخت پريشان آھي.

اسڪول ۾ مقرر استاد بشير راهمي، پانڌي خان ۽ ڳوٺاڻن ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته اسان پنهنجي مدد پاڻ تحت جهوپڙي ۾ اسڪول ٺاهيو آھي پر بنيادي سهولتون نه هجڻ سبب سخت پريشان آھيون. هنن وڌيڪ چيو ته اسڪول گذريل 12 مهينن کان هلائي رهيا آهيون پر ڪو به سماجي ادارو ۽ سنڌ حڪومت سهڪار ڪرڻ لا تيار ناهن ڪيترائي دفعا انتظاميا کي اسڪول رجسٽر ڪرائي ڏيڻ لا چيو پر ڪنهن به ڪو نوٽيس نه ورتو. هنن چيو ته ڳوٺ ۾ ٻه اسڪول آھن جنهن جي بلڊنگز آھن پر اسڪول جو سيمز ڪوڊ نه مليو آھي ۽ اهي ٻئي اسڪول وڏيرن جون اوطاقون بڻيل آهن. هنن سنڌ حڪومت ۽ اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪندي چيو ته جهوپڙا اسڪول کي رجسٽرڊ ڪرائي سموريون سهولتون ڏنيون وڃن ته جئين معصوم ٻارڙن جي تعليم تباهه ٿيڻ کان بچي سگهي.










