مٽياري (رياض چانڊيو) آءِ جي سنڌ ڊاڪٽر ڪليم امام جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽر نمرتا ڪيس جي انڪوائري ٽين ڌر ڪري رهي آهي ان ڪري ان ڪيس ۾ پوليس تي ڪوتاهي جو الزام لڳائڻ مناسب ناهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايس ايس پي آفيس مٽياري ۾ ميڊيا بريفنگ دوران ڪيو. آءِ جي سنڌ جو وڌيڪ چوڻ هو ته سنڌ پوليس پاڪستان جي سڀ کان پراڻي فورس ۽ پاڪستان جي ٻيو نمبر وڏي فورس آهي جنهن جي هزارين اهلڪارن عوام جي جان و مال جي تحفظ لاءِ پنهنجي جانين جا نظرانه ڏنا. هن چيو ته ڊي آءِ جي حيدرآباد نعيم احمد شيخ، آءِ آءِ جي ولي الله دل سميت مٽياري پوليس ۽ ايس ايس پي مٽياري تمام بهترين ڪم ڪري رهيا آهن جن جي محنتن جي ڪري مٽياري سميت پوري ريجن ۾ امن امان جي صورتحال ڪافي بهتر آهي. هن چيو ته ڀٽ شاھ ۾ وومين پوليس سينٽر قائم ڪيو آهي ۽ ان جي تعداد ۾ اضافو ڪرڻ تي غور ٿي رهيو آهي سنڌ پوليس ۾ احتساب جزا سزا جو عمل جاري آهي جنهن ۾ سنڌ پوليس 20 هزار اهلڪارن کي سزائون ڏنيون ويون آهن ۽ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ پوليس اهلڪارن جي حوصلا افزائي به ڪئي وئي آهي جنهن تحت 75 هزار اهلڪارن کي مختلف ايوارڊن سان نوازيو ويو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ آءِ جي سنڌ جو چوڻ هو ته مان نٿو چوان ته سنڌ پوليس ۾ سڀ ڪجھ ٺيڪ آهي پر پهرين جي نسبت هينئر سنڌ پوليس ڪافي بهتر آهي. مٽياري ضلعي ۾ غوطه خور مقرر ڪرڻ لاءِ عمل درآمد جاري آهي. ميڊيا بريفنگ بعد آءِ جي سنڌ مٽياري پوليس لاءِ لڳايل دربار ۾ شرڪت ڪئي جنهن بعد آءِ جي سنڌ بهتر ڪارڪردگي رکندڙ پوليس اهلڪارن کي ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ پيش ڪيا.










