اوٻاوڙو(غلام علي رند) قريشي محلا جو رهواسي خليل احمد قريشي گردن جي بيماري ۾ مبتلا، سنڌ حڪومت ۽ وسندي وارن کان علاج جي اپيل. خليل احمد صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته منهنجي خاندان جا 6 گهر ڀاتي هن موذي مرض ۾ مبتلا هيا جن مان ماءُ ۽ ڀيڻ سميت 4 ماڻهو پنهنجي زندگيءَ جي جنگ هارائي ويٺا آهن جڏهن ته مان ڪجهه مهينا اڳ شادي ڪئي آهي جنهن کان پوءِ مان به هن موذي مرض ۾ مبتلا ٿي بستر تي پيل آهيان. هن سنڌ حڪومت سميت اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته خدارا منهنجو علاج ڪرائي زندگي بچائي وڃي.










