وهاب بلوچ ۽ صاحبان جو هني سنگهه سان گڏيل البم جاري

وهاب بلوچ ۽ صاحبان جو هني سنگهه سان گڏيل البم جاري

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪوڪ اسٽوڊيو پاڪستان جي مشهور بلوچي لوڪ ڳائڻي وهاب بگٽي ۽ سنڌي لوڪ فنڪارا صاحبان جا گانا ڀارتي ڳائڻي ۽ ريپر يو يو هني سنگهه سان گڏ رليز ڪيا ويا آهن. وهاب بگٽي ۽ صاحبان پهريون ڀيرو ڪنهن ڀارتي يا ڪنهن پرڏيهي ڳائڻي سان ڪم ڪيو آهي. ٻنهي گلوڪارن هني سنگهه جي گيتن ۾ پنهنجي منفرد آواز ۾ ڳائي عالمي ميوزڪ مداحن کي خوب مزو ڪرايو. وهاب بگٽي هني سنگهه سان سندس گاني ”بيبا“ تي ڪم ڪيو آهي، جنهن ۾ اٽلي جو هڪ گلوڪار پڻ شامل آهي. ”بيبا“ انگريزي، هندي، فرينچ ۽ بلوچي زبانن جو مجموعو آهي، جنهن ۾ لوڪ گيتن سان گڏ ريپنگ پڻ شامل آهي. اهڙي طرح ڪوڪ اسٽوڊيو جي گاني ”آئي آئي“ سان شهرت ماڻيندڙ سنڌي لوڪ ڳائڻي صاحبان به هني سنگهه سان گڏ سندس گيت ”ريپ گاڊ“ ۾ ڪم ڪيو آهي. ”ريپ گاڍ“ ٻين ٻولين سان گڏ هندي، پنجابي، انگريزي ۽ سنڌي ٻولي جو ملاوٽي گيت آهي ۽ صاحبان سنڌي ٻوليءَ ۾سهرو ڳايو آهن. گلوري جي عنوان سان جاري ڪيل هن البم ۾ 14 گيت شامل آهن. في الحال آديو جاري ٿيو آهي ويڊيو جاري ناهي ٿيو.

پهنجو تبصرو موڪليو