ڪوئٽه: (ويب ڊيسڪ) نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو آهي ته ملڪ ۾ ناراضگي جي نالي تي تشدد جي اجازت نٿا ڏئي سگهون، ناراضگين کي ڇڏي پاڪستان کي اڳيان کڻي وڃڻ جي ضرورت آهي.ڪوئٽه ۾ جهنڊو ڦڙڪائڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي اسحاق ڊار چيو ته قوم کي دل جي گهرائين سان يوم آزادي جي مبارڪ هجي، پاڪستان قيامت تائين قائم ۽ دائم رهندو، پاڪستان هڪ گلدستو آهي، اهو وقت پري ناهي جڏهن پاڪستان تيزي سان ترقي ڪندو.نائب وزيراعظم چيو ته 2017 ۾ پاڪستان دنيا جي 24هين بهترين معيشت بڻجي چڪو هو، پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ڏکڻ ايشيا ۾ پهرين نمبر تي هئي، پاڪستان وٽ اربين، کربين روپين جي معدنيات آهي، پاڪستان ايٽمي طاقت آهي، هاڻ ان کي معاشي طاقت به بنائڻو آهي، پاڪستان مستقبل ۾ هڪ اڀرندڙ ستارو هوندو، اسان کي ملي اهو واعدو ڪرڻو پوندو ته اسان کي سازش جو حصو ناهي بنجڻو، ناراضگين کي ڇڏي پاڪستان کي اڳيان کڻي وڃڻ جي ضرورت آهي، ملڪ ۾ ناراضگي جي نالي تي تشدد جي اجازت نٿا ڏئي سگهون.ٻئي طرف نوشهره ۾ يوم آزادي جي تقريب کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وزير عطا تارڙ چيو ته پاڪستان ترقي جي رستي تي هلڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، پاڪستان لاءِ قربانيون ڏيڻ آيا آهيون ۽ ڏيندا رهنداسين، عطا تارڙ چيو ته 9 مئي وارن خيبرپختونخواهه کي رت ۾ وهنجاري ڇڏيو، عزم استحڪام جو نعرو انهي لاءِ لڳايو ويو ته پاڪستان کي محفوظ ڪرڻو آهي ملڪ مان مهانگائي ۽ بيروزگاري جو خاتمو ڪنداسين.










