اسلام آباد (بيورو رپورٽ)سينيٽر فيصل واوڊا جنرل (ر) فيض حميد جي فوجي حراست ۾ وڃڻ ۽ سندس خلاف ڪورٽ مارشل ٿيڻ تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته فيض حميد ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف هڪ ئي نالو آهن. اها شروعات آهي، ڳالهه اڳتي وڌندي، خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي سينيٽر فيصل واوڊا چيو ته معاملو گهڻو اڳتي ويندو،هيءَ شروعات آهي، عظيم بت اڃا ڪرڻا آهن.فيصل واوڊا چيو ته معاملو رڳو ڪرپشن تائين محدود نه رهندو، پي ٽي آءِ جي اعليٰ قيادت به ان جو حصو آهي،فيض آباد ڌرڻو ڪيس تمام ننڍو آهي، ايندڙ ڏينهن ۾ پي ٽي آءِ ۽ پي ٽي آءِ جو باني زمين تي ليٽندا،هن چيو ته هي پاڪستان لاءِ وڏو فيصلو آهي، جنهن به ملڪ کي نقصان پهچايو ان جو احتساب ٿيندو، فيض حميد ۽ تحريڪ انصاف هڪ ئي نالو آهي، اسان کي هن وقت جشن ملهائڻ گهرجي ته پاڪستان واقعي ترقي جي طرف وڌي رهيو آهي، اسان سڀني جو اهو طريقو هجڻ گهرجي ته سياست ڪريون ۽ ادارن کي پنهنجو ڪم ڪرڻ ڏيو، هاڻي ملڪ ۾ احتساب جو عمل ڏسڻ ۾ ايندو.










