پشاور: (ويب ڊيسڪ) پشاور ۾ اڻڄاتل جوابدارن فائرنگ ڪري عورت کي 3 ڌيئرن ۽ هڪ پٽ سميت گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو آهي.پوليس موجب واقعو شاهپور جي علائقي ۾ پيش آيو جتي جوابدار ڏوهه کان پوءِ فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، قتل ٿيندڙن ۾ 40 ورهين جي نورين، 18 ورهين جو ياسر، 19 ورهين جي ناياب، 12 ورهين جي هني ۽ 15 ورهين جي جويريه شامل آهن.پوليس موجب مارجي ويل عورت سوات سان تعلق رکندڙ هئي جيڪا فيصل نالي شخص سان گڏجي پنهنجي مڙس کي قتل ڪرڻ جي الزام ۾ تازو جيل مان آزاد ٿي هئي. پوليس موجب واقعو مقتوله جي مڙس جي قتل جو رد عمل لڳي ٿو.










