ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) چيف ميٽولوجسٽ سردار سرفراز جو چوڻ آهي ته خليج بنگال مان ايندڙ مون سون هوائون ملڪ جي مٿانهين ۽ وچ وارن علائقن کي متاثر ڪري سگهن ٿيون.ڳالهه ٻولهه ۾ هن چيو ته انهن هوائن سبب اڄ کان 12 آگسٽ تائين ملڪ جي ڪيترن ئي هنڌن تي گجگوڙ سان برسات پوڻ جو امڪان آهي.چيف ميٽولوجسٽ سردار سرفراز چيو آهي ته اڄ کان 11 آگسٽ تائين ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، مٺي، بدين ۽ ٻين ضلعن ۾ برسات جو امڪان آهي.










