ڪراچي: امام مسجد جي قتل جو ماسٽر مائينڊ گرفتار

ڪراچي: امام مسجد جي قتل جو ماسٽر مائينڊ گرفتار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي علائقي گلستان جوهر ۾ ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) ڪارروائي ڪندي امام مسجد جي قتل جو ماسٽر مائينڊ گرفتار ڪري ورتو.سي ٽي ڊي انچارج موجب گرفتار جوابدار جو مسجد جي امام سان پلاٽ جو تڪرار هو.سي ٽي ڊي انچارج جو چوڻ آهي ته جوابدار مسجد جي امام کي قتل ڪرڻ لاءِ 5 لک رپيا اجرتي قاتلن کي ڏنا هئا.ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ جي ترجمان چيو آهي ته گرفتار جوابدار عتيق ايف آءِ اي جو اڳوڻو انسپيڪٽر آهي.سي ٽي ڊي موجب قتل ۾ ملوث 2 جوابدارن کي اڳ ئي گرفتار ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو