سوشل ميڊيا ذريعي پاڪستان ۾ افراتفري ڦهلائي پئي وڃي، آرمي چيف

سوشل ميڊيا ذريعي پاڪستان ۾ افراتفري ڦهلائي پئي وڃي، آرمي چيف

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير چيو آهي ته سوشل ميڊيا ذريعي پاڪستان ۾ افراتفري يعني انارڪي ڦهلائي پئي وڃي.  جيڪي چوندا هئا ته اسان ٻه قومي نظريي کي خليج بنگال ۾ ٻوڙي ڇڏيو، اڄ اهي ڪٿي آهن؟ اسلام آباد ۾ علماءِ ۽ مشائخ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير چيو ته جيڪي ماڻهو شريعت ۽ آئين تي عمل نٿا ڪن انهن کي پاڪستاني نٿا سمجهون. آرمي چيف چيو ته الله جي نظر ۾ سڀ کان وڏو ڏوهه فساد في الارض آهي، پاڪ فوج الله جي حڪم تي ملڪ ۾ فسادن جي خاتمي لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهي آهي. جنرل سيد عاصم منير چيو ته ڏوهاري ۽ اسمگلر مافيا دهشتگردي جي حمايت ڪري رهيا آهن، سوشل ميڊيا ذريعي افراتفري ڦهلائي پئي وڃي، آرمي چيف چيو ته جيڪڏهن ڪنهن پاڪستان ۾ افراتفري ۽ انتشار پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته خدا جو قسم ان جي سامهون بيهنداسين، جنرل عاصم منير چيو ته رياست جي اهميت ڄاڻڻ چاهيو ٿا ته عراق، شام ۽ لبيا کان پڇو. آرمي چيف چيو ته ڪنهن کي به همت ناهي ته هو حضور صه جي شان ۾ گستاخي ڪري. پنهنجي خطاب ۾ آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو ته ڪشمير جو ورهاڱو ڀارت ۽ پاڪستان جو نامڪمل ايجنڊا آهي. فلسطين جي صورتحال جي حوالي سان آرمي چيف چيو ته فلسطين ۽ غزا تي ٿيندڙ ظلم ڏسي دل رت جا ڳوڙها روئي ٿي، فلسطين مان اسان کي سبق ملي ٿو ته اسان کي پنهنجو بچاءُ ڪرڻو آهي ۽ پاڪستان کي مضبوط ڪرڻو آهي. آرمي چيف چيو ته پاڪستان 40 سالن کان لکين افغانين جي ميزباني ڪئي آهي. اسان انهن کي سمجهائي رهيا آهيون ته فتنا الخوارج جي ڪري هو پنهنجي پاڙيسري، برادر اسلامي ملڪ ۽ ڊگھي دوست جي مخالفت نه ڪن.انتهاپسندي بابت ڳالهائيندي آرمي چيف چيو ته الله تعاليٰ فرمايو آهي ته مذهب ۾ جبر نه آهي، هو عالمن ۽ بزرگن کي عرض ڪري ٿو ته هو انتهاپسندي يا تعصب بدران رواداري ۽ اتحاد جي تلقين ڪن، عالمن کي گهرجي ته هو اعتدال پسندي کي واپس آڻين سماج ۽ ملڪ ۾ فساد کي رد ڪن،آرمي چيف چيو ته اسان جي پختون ڀائرن ۽ خيبرپختونخواهه جي عوام دهشتگردي خلاف جنگ ۾ تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن، اسان سندن ڪوششن کي ساراهيندي ساڻن گڏ آهيون. جنرل عاصم منير چيو ته اسان ماڻهن کي چئون ٿا ته احتجاج ڪرڻ چاهين ٿا ته ڪن پر پرامن رهن. آرمي چيف چيو ته دنيا جي ڪا به طاقت پاڪستان کي نقصان نه پهچائي سگهي ٿي ڇو ته هي ملڪ قائم رهڻ لاءِ ٺهيو آهي. لکين سياستدان ۽ لکين عالم هن پاڪستان لاءِ قربان ڇاڪاڻ ته پاڪستان اسان لاءِ  وڌيڪ اهم آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو