ڪراچي(ويب ڊيسڪ)شيخ حسينه واجد جنهن 16 سال اقتدار ۾ رهڻ کانپوءِ وزارت عظميٰ تان استعيفيٰ ڏني، تنهن17 نومبر 1967ع تي ايم اي واجد ميان سان شادي ڪئي هئي. ايم اي واجد ميان ۽ شيخ حسينه کي ٻه ٻار آهن جن ۾ پٽ سجيب واجد ۽ ڌيءَ صائمه واجد شامل آهن. جيڪي پرڏيهه ۾ رهن ٿا. حسينا واجد جو مڙس 9 مئي 2009ع تي شگر ۽ گردن جي بيماريءَ سبب وفات ڪري ويو هو. ايم اي واجد ميان پيشي جي لحاظ کان هڪ ائٽمي سائنسدان هو، جنهن پنهنجي ڪيريئر جي شروعات 1963ع ۾ پاڪستان ائٽامڪ انرجي ڪميشن (PAEC) سان ڪئي ۽ شروعات ۾ ڪراچي ۾ ائٽامڪ انرجي ريسرچ سينٽر (AERC) سان لاڳاپيل رهيو. 1964ع ۾ ”ڊپلوما آف امپيريل ڪاليج ڪورس“ مڪمل ڪرڻ کان پوءِ هن امپيريل ڪاليج لنڊن مان ڊپلوما حاصل ڪيو، 1967ع کان پوءِ هن ڊرهم يونيورسٽي، برطانيه مان فزڪس ۾ ڊگري حاصل ڪئي ۽ ڍاڪا جي ائٽامڪ انرجي ريسرچ سينٽر ۾ سائنسي آفيسر طور شامل ٿيو. 1969ع ۾ ايم اي واجد اٽلي ۾ انٽرنيشنل سينٽر فار ٿيورٽيڪل فزڪس ۾ ايسوسيئيٽ شپ حاصل ڪئي ۽ ساڳئي سال پاڪستان واپس آيو ته جيئن ائٽمي انرجي ريسرچ سينٽر سان ڪم جاري رکي. ايم اي واجد ڪراچي ۾ نيوڪليئر پاور پلانٽ جو چيف سائنسدان به رهي چڪو آهي پر بعد ۾ سندس سيڪيورٽي ڪليئرنس رد ڪئي وئي جنهن سبب سندس ڪانٽريڪٽ ختم ٿي ويو ۽ هو بنگلاديش هليو ويو. ياد رهي ته حسينا واجد کي3 ڀارت پناهه ڏئي ڳجهي جاءِ تي منتقل ڪيو آهي. آمريڪا حسينا واجد جي ويزا ڪينسل ڪري ڇڏي آهي ۽ هوءَ پيرس يا لنڊن ۾ سياسي پناهه جي ڪوشش ڪري رهي آهي. ڀارت ۾ ڪل جماعتي ڪانفرنس کي پرڏيهي وزير بنگلا ديش جي صورتحال تي بريف ڪيو آهي.










