واشنگٽن)ويب ڊيسڪ) آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿيو ملر يقين ڏياريو آهي ته آمريڪا بنگلاديش جي عوام سان گڏ بيٺل آهي.ميٿيو ملر چيو ته بنگلاديش ۾ سموريون پارٽيون وڌيڪ تشدد کان پاسو ڪن، بنگلاديش ۾ عبوري حڪومت جي قيام جي اعلان کي ڀليڪار ڪيون ٿا، اقتدار جي منتقلي بنگلاديش جي آئين موجب ٿيڻ گهرجي.ٻئي طرف برطانيا بنگلاديش جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.برطانوي وزيراعظم جي ترجمان چيو ته بنگلاديش ۾ جمهوريت جي بالادستي، امن ۽ سلامتي کي يقيني بڻايو وڃي.










