اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) حماس اڳواڻ اسماعيل هنيه جي جنازي نماز پارليامينٽ هائوس ۾ ادا ڪئي وئي. تفصيل موجب اسماعيل هانيا جي غائبانه جنازي نماز ۾ وزيراعظم شهباز شريف، اتحادي پارٽين جي اڳواڻن ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻن به شرڪت ڪئي.غائبانه جنازي نماز ۾ اسماعيل هنيه جي مغفرت لاءِ دعا گهري وئي، جڏهن ته سندس شهادت تي اڄ سڄي ملڪ ۾ ماتم ڪيو پيو وڃي.










