ضلع بار پاران عدالتي ڪاروهنوار جو بائيڪاٽ، احتجاج

نوشهروفيروز(مشتاق حسين مري) ضلع بار ايسوسيئيشن پاران ايڊووڪيٽ نواب خان مري جي ڪينٽين تي سول اسپتال انتظاميه، پوليس جي چڙهائي ڪري هوٽل سيل ڪرڻ خلاف وڪيلن پاران عدالتي ڪاروهنوار جو بائيڪاٽ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي ضلع بار جي صدر عبدالرحيم عباسي، اياز مري، راهب چانديو، عمرالدين پنهور، عبدالسلام لهراڻي، اختر ڀريجو، اشفاق تڳر، شڪيل احمد جوکيو ۽ ٻين چيو ته ايڊووڪيٽ نواب مري کي سول اسپتال نوشهروفيروز جي ڪينٽين ليز تي ڏنل آهي جنهن جي هو بروقت فيس جمع ڪرائيندو رهيو آهي. ڪالهه سول اسپتال انتظاميه ۽ نوشهروفيروز پوليس ۽ پرائيويٽ ماڻهن ايم ايس عبدالله تونيو جي اڳواڻي ۾ بغير نوٽيس ڏيڻ جي هوٽل تي چڙهائي ڪري ڀڃ ڊاهه ڪرڻ بعد هوٽل کي سيل ڪري ۽ ان جو هڪ ملازم حبيب مري کي کنڀي گم ڪيو ويو آهي جنهن جي اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا. ان موقعي تي نواب خان مري چيو ته اسپتال انتظاميه 2005ع ۾ سندس خلاف سينئر سول جج وٽ ڪيس ڪيو جيڪو هن کٽيو ۽ ٻيهر اسپتال انتظاميه سندس خلاف ايڊيشنل سيشن جج وٽ ڪيس ڪيو جنهن جو فيصلو هن جي خلاف ان بعد مان هاءِ ڪورٽ وڃي فيصلي کي چئلينج ڪيو ۽ اهو ڪيس هاءِ ڪورٽ ۾ هلندڙ آهي ته پوءِ ڪهڙي قانون تحت ڪينٽين تي چڙهائي ڪري سيل ڪيو ويو آهي. ان موقعي تي ضلع بار جي اڳواڻن مطالبو ڪيو ته جيڪڏهن ايڊووڪيٽ نواب خان مري جي گم ڪيل ملازم کي بازياب ڪري تدارڪ نه ڪيو ويو ته احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو