اسلام آباد(بيورو رپورٽ) فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) جي چيئرمين امجد زبيرتوانا جلد رٽائرمينٽ وٺڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.چيئرمين ايف بي آر حڪومت کي عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ لاءِ ٻن هفتن جو وقت ڏئي ڇڏيو آهي.گريڊ 21 جي ان لينڊ روينيو سروس آفيسر امجد زبير کي ايندڙ سال 25 فيبروري تي رٽائر ٿيڻو هو پر هن حڪومت کي لکت ۾ خط موڪلي ڇڏيو آهي.چيئرمين ايف بي آر پوسٽ ۾ چيو آهي ته هو عهدو ڇڏي جلد رٽائرمينٽ وٺڻ چاهي ٿو.ذريعن موجب امجد زبير ٽوانا اجلاس ۾ مملڪتي وزير احد چيما کي زباني آگاهه ڪيو هو ته هو هاڻي ايف بي آر جو سربراهه نه ٿو رهي سگهي، جنهن کانپوءِ هن هاڻي وزيراعظم آفيس کي به لکت ۾ آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.










