ڪمشنر ڪراچي مون سون ٽري پلانٽيشن ڪري وڻڪاري مهم شروع

ڪمشنر ڪراچي مون سون ٽري پلانٽيشن ڪري وڻڪاري مهم شروع

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) چيف سيڪريٽري سنڌ سيد آصف حيدر شاهه ڪراچي ۾ ڪمشنر ڪراچي مون سون ٽري پلانٽ مهم جو افتتاح ۾ وڻ پوکي ڪيو. هيءَ مهم 30 جولاءِ کان 31 آگسٽ تائين جاري رهندي، جنهنجي دوران ڪراچي ۾ 2 لک ٻوٽا پوکيا ويندا. چيف سيڪريٽري سنڌ سيد آصف حيدر شاهه چيو ته هن مهم جو بنيادي مقصد ماڻهن کي وڌ کان وڌ وڻ پوکڻ جي ترغيب ڏيڻ آهي. هن چيو ته موسمياتي تبديلي هن صدي جو سڀ کان وڏو چئلينج بڻجي ويو آهي. پاڪستان موسمياتي تبديليءَ کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ شامل آهي ۽ وڻ پوکڻ سان ان جي ناڪاري اثرن کي گهٽائڻ ۾ مدد ملندي. هن وڌيڪ چيو ته مهم جو مقصد رڳو ٻوٽو پوکڻ نه پر ان جي سار سنڀال ڪري وڻ بڻائڻ به آهي. چيف سيڪريٽري سنڌ سرڪاري کاتن ۽ سول سوسائٽي کي اپيل ڪئي ته هو ٻوٽا پوکڻ واري مهم ۾ ڀرپور حصو وٺن. هن ٻوٽن جي ماحولياتي ۽ معاشي فائدن بابت آگاهي مهم شروع ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. هن زور ڏنو ته سماج جي سڀني طبقن کي ٻيلن جي تحفظ ۽ ترقي لاءِ گڏيل ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. ڪمشنر ڪراچي سيد حسن نقوي چيف سيڪريٽري سنڌ کي آگاهي ڏيندي چيو ته مهم ۾ شهر جي مختلف علائقن ۾ 2 لک ٻوٽا پوکيا ويندا ۽ ٻوٽن جي سار سنڀال به لاڳاپيل کاتن جي ذميواري هوندي ته جيئن پوکيل ٻوٽا وڻ بڻجي سگھن، ان مهم دوران ڪمشنر ڪراچي، سيڪريٽري فاريسٽ، سيڪريٽري ماحوليات، ڊپٽي ڪمشنر ڏکڻ ۽ ٻين آفيسرن پڻ ٻوٽا پوکيا، جيڪي سرڪاري سطح تي هن مهم جي حمايت جي عڪاسي ڪن ٿا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو