معمولي ڳالھ تان جھيڙو ٽن عورتن سميت 4 ڄڻا زخمي، اسپتال منتقل

معمولي ڳالھ تان جھيڙو ٽن عورتن سميت 4 ڄڻا زخمي، اسپتال منتقل

نوشھرو فيروز (ن س)ڀرياسٽي ڀرسان دالي شھر ۾ ڪلھوڙا برادري جي ٻن ڌرين ۾ معمولي ڳالھ تان جھيڙو ٿي پيو لٺيون لڳڻ سبب ٽن عورتن سميت چار ڄڻا حميرا ڪلھوڙو رحيمان ڪلھوڙو فتح خاتون ۽ احمد بخش ڪلھوڙو زخمي ٿي پيا زخمين کي ڀرياسٽي اسپتال ۾ منتقل ڪيو ويو آھي ان سلسلي زخمي احمد ڪلھوڙو سخت احتجاج ڪندي ٻڌايو ته گھر ويٺا ھياسين ته مخالف ڌر جي بااثرن پناھ ڪلھوڙو علي اڪبر ڪلھوڙو ۽ ٻين ڏنڊن ۽ لٺين سان حملو ڪري زخمي ڪيو آھي ھن ٻڌايو ته دالي پوليس وٽ وياسين جنھن ڪا ڪارروائي ناھي ڪئي ڀرياسٽي اسپتال وياسين جتي علاج نه ٿيو ڪو ڊاڪٽر ناھي ھنن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته غريب مسڪين آھيون واقعي جو نوٽيس وٺي بااثر جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري تحفظ فراھم ڪيو وڃي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو