علي امين گنڊاپور استعيفيٰ  ڏي، گورنر جو مطالبو

علي امين گنڊاپور استعيفيٰ ڏي، گورنر جو مطالبو

پشاور: (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ڪي ڪي پي ڪي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته ڪي پي ڪي جو وڏو وزير علي امين جيڪڏهن صوبي جون حالتون صحيح نٿو ڪري سگهي ته استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.فيصل ڪريم چيو ته وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو ته گورنر جي ڪري مون کي ذهني پريشاني کڻڻي پوندي آهي ان لاءِ هرجاڻي جو نوٽيس اماڻيو. وڏي وزير کي آفر ڪريان ٿو ته سنڌ اچي اتي ان جو ذهني علاج مفت ڪرايان ٿو. ڪي پي ڪي جي گورنر چيو ته عزم استحڪام آپريشن تي سمورين پارٽين کي آن بورڊ وٺڻ گهرجي ها، ايپيڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ وڏي وزير آپريشن کان اختلاف نه ڪيو، امن امان جي صورتحال خراب آهي، اسان به آپريشن نٿا چاهيون پر امن امان تي ڪابه سياست نه پيا ڪريون، آپريشن کان سواءِ حالتون بهتر ڪرڻ جي لاءِ ٻيو ڪو رستو هجي ته اهو ٻڌايو.هن وڌيڪ چيو ته عمران خان پهريان پنهنجا ڪيسز ختم ڪري پوءِ وزيراعظم بنجڻ جا خواب ڏسي، پي ٽي آءِ تي هاڻ اها صورتحال اچ وئي آهي جو احتجاج به نٿا ڪري سگهن ۽ چون ٿا ته احتجاج جي اجازت نٿي ملي، اسان ته بنا اجازت جي جلسا ۽ احتجاج ڪندا هئاسين، ماضي ۾ پي ٽي آءِ جي وڪيلن هميشه پنهنجي پارٽي کي ڦاسايو ۽ پريشانيون پيدا ڪيون.

پهنجو تبصرو موڪليو