راولپنڊي: (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته مهانگائي جي معاملي تي اسان هتي ڌرڻو ڏنو آهي، پر فوري مطالبا پورا نه ٿيا ته ٻن ڏينهن کان پوءِ ڪراچي، پشاور ۽ ڪوئٽه ۾ به ڌرڻا شروع ٿي ويندا، مطالبن جي منظوري تائين ڌرڻو ختم نه ٿيندو، ڊي چوڪ ڏانهن به مارچ ڪري سگهون ٿا.لياقت باغ چوڪ راولپنڊي ۾ احتجاجي ڌرڻي دوران جماعت اسلامي جي امير پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته ڌرڻي کي چار ڏينهن ٿي ويا آهن، ڌرڻو عزم ۽ حوصلي جو پوري دنيا کي پيغام ڏئي رهيو آهي، عوام تي بجلي جا بم ڪيرايا پيا وڃن ڪوبه عوام جي داد رسي ڪرڻ وارو نه آهي.هن چيو ته اڄ عورتن جو وڏو انگ جلسي ۾ شامل ٿيندو پر لاهور ۾ عورتن کي روڪيو ويو آهي ملڪ ۾ هڪ ئي خاندان جي حڪومت آهي ۽ هي رنڊڪون وجهي حالتون خراب ڪري رهيا آهن، لاهور ۾ به ڌرڻو شروع ٿي چڪو آهي.حافظ نعيم الرحمان چيو ته آءِ پي پيز سان ناجائزي معاهدا ڪيا ويا، 70 کان 70 سيڪڙو آءِ پي پيز صرف معاهدي سبب بند ٿي ويندا، جڏهن ته 52 سيڪڙو آءِ پي پيز ۾ گورنمنٽ جا شيئر آهن، اسان ڪيپسٽي چارجز کان منع ڪيو آهي ڇو ته بلن ۾ رڪارڊ ٽيڪس لڳايا ويا آهن، اسان مطالبا واضح طور تي ٻڌائي ڇڏيا آهن ته بجلي جون قيمتون بجلي جي لاڳت موجب ڪيون وڃن.هن چيو ته حڪومت کي مراعتون ختم ڪرڻيون پونديون، حڪومت ٻڌائي ته واپڊا جي آفيسرن ۽ ٻين کاتن جي آفيسرن کي مفت بجلي ڇو ملندي آهي، پيٽرول به آفيسرن کي مفت ڏنو ويندو آهي. وزيراعظم ۽ چيف منسٽر سميت سڀني کي صرف 1300 سي سي گاڏيون ڏنيون وڃن سمورن ججز کي به 1300 سي سي گاڏيون ڏنيون وڃن، ڇو ته سرڪار جي وڏين وڏين گاڏين سان عوام تي بار وڌو پيو وڃي. وزيراعظم محمد خان جوڻيجو هڪ هزار سي سي جي گاڏي سڀني جي لاءِ رکي هئي، حڪومت جون عياشيون ختم نه ٿيون ته بار عوام تي پوندو رهندو.حافظ نعيم الرحمان چيو ته آءِ پي پيز جو فرانزڪ آڊٽ ٿيو 2019 ۾ جيڪي معاهدا ختم ٿيا انهن کي ٻيهر معاهدا ڏنا ويا. 2 هزار ارب روپين کان وڌيڪ جي رقم عوام ڏئي رهي آهي، حڪومت پگهاردار ماڻهن کي برباد نه ڪري، پيٽرول تي ليوي ختم ڪئي وڃي. جڏهن ته اٽو، کنڊ، دال، ايڪسپورٽ تي ٽيڪس ۽ فڪسڊ ڊيوٽي لڳائي وئي آهي ان کي به ختم ڪيو وڃي. ٽيڪسز لڳائي انڊسٽريز کي تباهه ڪري عوام کي بيروزگار ڪيو پيو وڃي.هن چيو ته سمورين سياسي پارٽين کي انهي جدوجهد ۾ اسان جو ساٿ ڏيڻ گهرجي، ڪارڪنن کي چوان ٿو ته الجهن جي بجاءِ فوڪس حڪومتي قدمن تي رکن ڇو ته ڪجهه ماڻهو پارٽين ۾ اختلاف وجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، ڪارڪن اسان جا دشمن نه آهن، عام ايجنڊا آهي ۽ سڀني سياسي پارٽين کي دعوت ڏيون ٿا ته انهي ڌرڻي ۾ شريڪ ٿين.جماعت اسلامي جي امير چيو ته حڪومت پنهنجي حرڪتن سبب آءِ ايم ايف جي آڏو گوڏا کوڙي ڇڏيا آهن. آءِ ايم ايف چيو ته عياشين کي ختم ڪريو پر حڪومت بار عوام تي وجهي رهي آهي، چين سان به ڳالهيون ڪرڻ گهرجن، ڇو ته مفاهمت سان معاملا حل ٿي سگهن ٿا.










