پاڪستاني پگهاردار طبقو ڀارت جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ٽيڪس ادا ڪري ٿو

پاڪستاني پگهاردار طبقو ڀارت جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ٽيڪس ادا ڪري ٿو

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر)پاڪستان بزنيس ڪائونسل ڀارت سان پنهنجي انڪم ٽيڪس نظام جي ڀيٽ ڪندي چيو آهي ته ڀارت جي ڀيٽ ۾ پاڪستان ۾ انڪم ٽيڪس 9.4 سيڪڙو وڌيڪ ٽيڪس وصول ڪئي وڃي ٿي. جاري ڪيل بيان ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پاڪستان جو هڪ لک روپيو ڀارت جي30030 روپين برابر آهي. پاڪستان ۾ هڪ لک ڪمائڻ وارو 30 هزار روپيا ٽيڪس ڀري ٿو پر ڀارت ۾ هڪ لک ڪمائڻ وارو 3018 روپيا ٽيڪس ادا ڪري ٿو. بيان موجب پاڪستان ۾ ماهوار ڏيڍ لک ڪمائڻ وارو سال ۾ هڪ لک 20 هزار روپيا ٽيڪس ڀري ٿو ۽ ڀارت ۾ ڏيڍ لک ڪمائڻ وارو سال ۾ 12 هزار 27 روپيا ٽيڪس ادا ڪري ٿو. هوڏانهن  30 جون 2024 تي ختم ٿيل مالي سال دوران پاڪستان جي پگهاردار طبقي 368 ارب روپيا انڪم ٽيڪس ادا ڪئي. اها رقم پاڪستان جي ايڪسپورٽرز ۽ ريزڪي دوڪاندارن پاران ادا ڪيل ٽيڪس واري رقم کان 232 سيڪڙو وڌيڪ آهي.گذريل سال پگهاردار طبقي جيڪا ڪل ٽيڪس ادا ڪئي 30 جون تي ختم ٿيل مالي سال ۾ ان جي ڀيٽ ۾ 39 سيڪڙو يعني 140 ارب روپيا پگهاردار طبقي وڌيڪ ٽيڪس ادا ڪئي. فيصلائتي فورمز ۾ پگهاردار طبقي جي نمائندگي نه هجڻ ڪري مٿن پهرين جولاءِ کان شروع ٿيل نئين مالي سال ۾ حڪومت ۽ آءِ ايم ايف پگهاردار طبقي کي وڌيڪ نپوڙڻ لاءِ اضافي انڪم ٽيڪس لاڳو ڪئي آهي جنهن جو تفصيل آگسٽ جي سيلري سلپس ۾ ظاهر ٿيندو. حڪومت نئين مالي سال ۾ انڪم ٽيڪس جي 35 سيڪڙو واري سليب تي 10 سيڪڙو سرچارج لاڳو ڪئي آهي جنهن سان حڪومت کي 450 ارب روپيا وصول ٿيندا. يعني 82 ارب روپين جو اضافي ٽيڪس پگهاردار طبقو ادا ڪندو. بظاهر سرڪاري ملازمن جي پگهارن م واڌ جو اعلان ڪيو ويو آهي پر جنهن نموني م سيلري سليبس ۾ ردو بدل ڪئي وئي آهي، ان سان وڌايل پگهار واري رقم کان وڌيڪ مٿن انڪم ٽيڪس لاڳو ڪئي وئي آهي. بجيٽ ۾ اليٽ ڪلاس تي ٽيڪس لڳائڻ بدران مڊل ڪلاس تي سڌي ۽ اڻ سڌي طرح ٽيڪس وڌيڪ لاڳو ڪئي وئي آهي. پگهاردار طبقي سان ٻيو ظلم اهو آهي ته هو بجلي، فون، انٽرنيٽ جي بلن ۽ ڊيبٽ ڪارڊ تي ود هولڊنگ ٽيڪس به ادا ڪن ٿا ۽ 30 جون تي ختم ٿيل مالي سال دوران حڪومت 2 هزار 660 ارب روپيا ود هولڊنگ ٽيڪس جي مد ۾ گڏ ڪيا آهن. هن مد ۾ نان فائيلرز کان گڏ ڪيل رقم به شامل آهي جيڪو پڻ حڪومت جي ٽيڪس وصولي جو اهم ذريعو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو