وفاق علي امين  کي جيڪو چوندو  هو ڪندو ، ڪنڊي

وفاق علي امين کي جيڪو چوندو هو ڪندو ، ڪنڊي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته علي امين گنڊاپور اهو ڪندو آهي جيڪو وفاقي حڪومت چوندي آهي،ميڊيا سان ڳالهائيندي فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته وفاق جڏهن به وڏي وزير کي سڏيندو آهي ته هو سٺي ٻار وانگر ايندو آهي، هو وفاق جي سمورن اجلاسن ۾ شرڪت ڪندو آهي.هن چيو ته علي امين گنڊاپور نوڪري بچائڻ لاءِ وفاق خلاف بيان ڏئي ٿو، کيس ٻڌايو وڃي ته مان اڊيالا ۾ وفاق خلاف وڙهندس.فيصل ڪريم ڪنڊي جو چوڻ آهي ته ڪي پي ڪي حڪومت خلاف فور شيٽ تيار ناهي ٿي رهيو، مان ڪڏهن به نه چاهيندس ته سياسي يتيم پارٽي سياسي شهيد ٿئي.خيبرپختونخواهه جي گورنر چيو ته وفاق ۽ خيبرپختونخواهه حڪومت ۾ ڪا به ٽڪراءُ ناهي، صوبي ۾ گورنر راڄ قائم ڪرڻ جمهوري عمل ناهي.هن وڌيڪ چيو ته امن امان بابت خيبرپختونخواهه حڪومت جا قدم اطمينان بخش نه آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو