ڪابينا اجلاس طلب، پي ٽي آءِ تي پابندي بابت منظوري متوقع

ڪابينا اجلاس طلب، پي ٽي آءِ تي پابندي بابت منظوري متوقع

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف گذريل ڏينهن وفاقي ڪابينا جو اهم اجلاس طلب ڪري ورتو.ذريعن موجب پي ٽي آءِ تي پابندي جي منظوري وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ورتي ويندي.ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ پي ٽي آءِ جي باني چيئرمين عمران خان، اڳوڻي صدر عارف علوي ۽ اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري خلاف آرٽيڪل 6 تحت ڪارروائي جي منظوري به ڏني ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو