پي آءِ او جي والد جو مڙهه سوين آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي

پي آءِ او جي والد جو مڙهه سوين آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي

پشاور: (ويب ڊيسڪ) وفاقي وزارت اطلاعات ۽ نشريات جي پرنسپل انفارميشن آفيسر (پي آءِ او) مبشر حسن جي والد غلام صابر کي ڇنڇر ڏينهن پشاور ڪنٽونمينٽ بورڊ جي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. مرحوم جي عمر 94 سال هئي. هو گذريل رات اسلام آباد جي هڪ خانگي اسپتال ۾ مختصر علالت بعد وفات ڪري ويو هو. جنازي نماز ۾ خيبرپختونخواهه جو گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي، وزيراعظم شهباز شريف جو ميڊيا ڪوآرڊينيٽر ۽ پاڪستان مسلم ليگ ن جو اسسٽنٽ سيڪريٽري جنرل بدر شهباز وڑائچ، ڊائريڪٽر جنرل انفارميشن سروس اڪيڊمي ارشد منير، وزيراعظم جو اسپيچ رائٽر ارشد ملڪ، وزيراعظم جي ميڊيا ٽيم پڻ موجود هئي. جنازي نماز ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي ميمبرن ۽ لاڳاپيل ادارن جي آفيسرن، رٽائرڊ بيوروڪريٽس، سينيئر صحافين، ڪالم نگارن سميت زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ سياسي ۽ سماجي شخصيتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. مرحوم غلام صابر جو ٽيجهو سومر 22 جولاءِ تي عصر جي نماز کانپوءِ بورڊ آف انٽرميڊيٽ اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن ڪالوني جمرود روڊ پشاور ۾ ٿيندو. هوڏانهن پنجاب جي سينيئر وزير مريم اورنگزيب، اڳوڻو وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد، سينيٽر عرفان صديقي فون تي ساڻس تعزيت ڪئي. پاڪستان نيوز پيپرز سوسائٽي (APNS) جي سيڪريٽري جنرل سرمد علي پڻ مبشر حسن سان فون تي سندس والد جي وفات تي تعزيت ڪئي. اڳوڻي وفاقي وزيرن سيد خورشيد شاهه، محمد علي دراني، نديم افضل چن، فردوس عاشق اعواڻ، پاڪستان پيپلز پارٽي جي نائب صدر سينيٽر شيري رحمان، قومي اسيمبلي جي ٽاسڪ فورس جو ڪنوينر بلال اظهر ڪياني، سينيئر اڳواڻ سيد حسن مرتضيٰ، ممتاز سياسي شخصيت ڪوٺي عمر خان. جوائنٽ سيڪريٽري عدنان ديار پڻ پي آءِ او مبشر حسن سان سندس والد جي وفات تي تعزيت ڪئي ۽ مرحوم جي مغفرت ۽ گهرڀاتين لاءِ صبر جي دعا ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو