لنڊن (ويب ڊيسڪ)ڪيئر اسٽارمر برطانيه جو ايندڙ وزير اعظم هوندو جنهن جي ليبر پارٽي کي پارلياماني اليڪشن ۾ وڏي اڪثريت حاصل ڪرڻ جي اميد آهي. خميس تي ٿيل چونڊن ۾ 650 سيٽن واري ايوان ۾ 412 سيٽون سندس پارٽي کٽي چڪي آهي. ايگزٽ پولز موجب کين 410 سيٽون ملڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو هو. برطانيا ۾ قدامت پسند حڪمران جماعت ڪنزرويٽو کي 14 سالن جي لڳاتار اقتدار بعد چونڊن ۾ بدترين شڪست ملي آهي ۽ وزيراعظم رشي سناڪ جي پارٽي رڳو 121 سيٽون کٽي سگهي آهي. لبرل ڊيموڪريٽ 71، ايس اين پي 9، ايس ايف 7 سيٽون ۽ ٻين جماعتن 28 سيٽون کٽيون آهن.ٻن سيٽن جا نتيجا رهيل آهن. اڳوڻي وزيراعظم ليز ٽروس هارائي وئي آهي، اڳوڻو ليبر ليڊر جيرمي ڪوربن آزاد حيثيت ۾ سيٽ کٽي آهي، گرين پارٽي جي ڪارلا ڊينيئر به ڪاميابي ماڻي آهي. برطانوي عوام ننڍين پارٽين کي به ڪامياب ڪيو آهي. حڪمران جماعت کان برطانوي عوام بيزار هو ڇو ته هو مهانگائي تي ڪنٽرول نه ڪري سگهيا، توانائي سميت زندگي جي هر شئي مهانگي ٿي وئي ۽ ڪاسٽ آف لونگ وڌي وئي، عوامي خدمتن ۾ ناڪامي ۽ حڪومتي شخصيتن جي اسڪيندلز سبب عوام کانئن تنگ ٿي ليبر پارٽي کي ووٽ ڏنا. رشي سناڪ شڪست قبول ڪندي عوام کان معذرت ڪئي آهي. برطانيا ۾ ٽيڪس جو ٻوجهه ٻئي عالمي جنگ کانپوءِ وڏي سطح تي آهي، عوام کي صحت سميت هر شعبي ۾ سهولتون گهٽ ملن پيون ۽ هيلٿ سروسز ۾ هڙتالون معمول بڻيل آهن. برطانيا ۾ مختلف ملڪن کان پناهه وٺندڙن جو انگ وڌي رهيو آهي ۽ ليبر پارٽي ان جي مخالف به رهي آهي. يورپ ۾ ساڄي ڌر جي جماعتن کي عوام ووٽ ڏئي رهيو آهي ۽ فرانس ۾ گذريل هفتي نيشنل ريلي نالي پارٽي کي اڪثريت ملي هئي. برطانيا ۾ ڪنزرويٽو پارٽي جا چند مهينن ۾ 3 وزيراعظم تبديل ٿيا هئا، جن ۾ بورس جانسن ۽ ليز ٽروس بعد سناڪ آيو هو.










