چين جو حلال گوشت جي واپار ۾ سرمائيڪاري جو اعلان

چين جو حلال گوشت جي واپار ۾ سرمائيڪاري جو اعلان

اسلام آباد (اياز مهر) پاڪستان جي دوري تي آيل چيني وفد جي سربراهه زهو ماءِ ملڪ ۾ حلال گوشت جي صنعت ۾ سرمائيڪاري ڪرڻ تي دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته ان حلال گوشت کي چين سميت ٻين ملڪن ڏانهن به موڪليو ويندو. اهڙي ڳالهه هن وفاقي وزير انسداد منشيات شهريار خان آفريدي سان ٿيندڙ ملاقات دوران ڪئي. اجلاس بعد جاري ڪيل رپورٽ مطابق چين جي صوبي سيچوان سان تعلق رکندڙ وفد ۾ ڪيترائي مسلمان به شامل هيا. وفد جي سربراهه زهوماءِ چيو ته چين وٽ بهتر آلات ۽ سروس موجود آهي ۽ هن چيني منڊين ۾ پاڪستاني مصنوعات ۽ حلال خوراڪ پهچائڻ لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي. هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته پاڪستان جا اڌ درجن دورا ڪيا آهن ۽ هر ڀيري منهنجو تجربو شاندار رهيو آهي ٻنهي ملڪن جي عوام ۾ دوستي آهي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته چيني شهرين لاءِ به پاڪستان ۾ سرمائيڪاري جو موقعا فراهم ڪيا وڃن. ان موقعي تي وفاقي وزير شهريار آفريدي جو چوڻ هو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت ملڪ اندر غيرملڪي سرمائيڪارن کي بهترين موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته چين ۽ ان جو عوام اسان جي دلين ۾ رهي ٿو چيني عوام پهرين ڏينهن کان پاڪستان سان گڏ بيٺو آهي مون کي انتهائي خوشي ٿي آهي جو مان چين جي مسلمانن سان ملاقات ڪري رهيو آهيان.

پهنجو تبصرو موڪليو