حڪومت ۽ مولانا انتها تي، ڊيڊ لاڪ برقرار، صورتحال ريڊ لائن تي پهتل

حڪومت ۽ مولانا انتها تي، ڊيڊ لاڪ برقرار، صورتحال ريڊ لائن تي پهتل

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته جيسين پي ٽي آءِ جي ناجائز حڪومت ختم نه ٿيندي اسين ميدان ۾ رهنداسين. هن چيو ته سڄي اپوزيشن متحد آهي ۽ اسين گڏجي فيصلو ڪري رهيا آهيون. اهڙو اظهار هن ڇنڇر تي محمود خان اچڪزئي ۽ ميان افتخار حسين سان گڏ آزادي مارچ جي جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته نڪما حڪمران ملڪ لاءِ رسڪ بڻجي ويا آهن. 70 سالن ۾ جيترو قرض ورتو ويو اوترو هنن هڪ سال ۾ ورتو آهي. هن وڌيڪ چيو ته موجوده حڪومت اچن وقت ڊالر 105 روپئي جو هو هاڻي 160 روپيا ٿي ويو آهي، هر طرف مهانگائي آهي، هاري مزدور سڀ تنگ آهن. هن چيو ته اسين موجوده جاءِ کان وڌيڪ موثر جاءِ تي منتقل ٿينداسين ۽ اهم فيصلو ڪنداسين. هن عورتن جي جلوس م نه هجڻ بابت چيو ته هر ڪنهن جا پنهنجا اصول آهن، اسان جون عورتون گهرن ۾ ذڪر ۽ عبادت ڪري رهيون آهن ۽ مارچ جي ڪاميابي لاءِ گڙ گڙائي دعائون ڪن پيون.

ڇنڇر تي آزادي مارڄ جي جلسي جو ڏيک، فوٽو ٽوئٽر

مولانا بظاهر حڪومت ۽ فوجي ترجمان جو موقف رد ڪري ڇڏيو آهي. هن فوجي ترجمان پاران چونڊيل حڪومت جي آئين موجب فوج جي حمايت جاري رکڻ واري بيان تي تبصرو ڪندي چيو هو ته اهو ته ڪنهن سياستدان جو بيان ٿو لڳي، فوجي ترجمان جي ان بيان سان فوج تڪراري بڻبي. ياد رهي ته مولانا جمعي تي جلسي کي خطاب ۾ چيو هو ته ٻن ڏينهن جي مهلت هي ته وزيراعظم استعيفيٰ ڏئي ۽ ادارا هن ڌانڌلي جي نتيجي ۾ قائم ٿيل حڪومت کان لاتعلقي ظاهر ڪن نه ته ادارن جي باري ۾ به راءِ قائم ڪنداسين. سندس الٽي ميٽم آچر تي ختم ٿيندو ۽ سومر تي هو آئنده جي لاءِ عمل جو اعلان ڪندو. سينئر تجزيه ڪار اعجاز مهر جو چوڻ آهي ته بظاهر ائين پيو لڳي ته حڪومت ۽ مولانا لچڪ ظاهر نه پيا ڪن ۽ انتها پسندي جو مظاهرو ڪري رهيا آهن جنهن سبب ڊيڊ لاڪ برقرار آهي ۽ صورتحال ٽڪراءَ طرف وڌي رهي آهي. مولانا فضل الرحمان وڌيڪ ڪارڪنن ۽ تبليغي جماعت جي اجتماع وارن کي اسلام آباد پهچڻ جي اپيل ۽ حڪومت پاران سيڪورٽي فورسز کي الرت ڪرن جي اعلان بعد ڇڪتاڻ وڌندي نظر اچي ٿي. حڪومت ۽ فرشتن جي ڪوشش آهي ته ڪنهن طرح پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) کي نيوٽرل ڪجي ۽ هو مولانا جي ڌرڻي کان لاتعلقي ظاهر ڪن. ظاهر آهي ته ان لاءِ ٻنهي پارٽين جي قيادت جيڪا جيلن ۾ آهي رليف گهرندي. سوال اهو آهي ته ڇا کين گهربل رليف ملي سگهندو يا حڪومت ڏئي سگهندي؟ ڇو ته سينٽ جي چونڊن وقت فرشتن جيڪي آسرا ڏئي صادق سنجراڻي کي بچائيندي اپوزيشن جي ڦوڪڻي مان هوا ڪڍي هئي، هاڻي سندن لارن لپن تي پيپلز پارٽي وارا به ڪون لڳندا ۽ هو عملي ۽ فوري نتيجا چاهين ٿا. ميان صاحب ۽ سندس نياڻي مريم کي ته حڪومت وارا ۽ ٻيا ٻاهر موڪلڻ لاءِ تيار آهن پر پيپلز پارٽي بابت هو اڃا تائين ڪليئر ناهن. سڀني ڌرين وٽ وقت گهٽ ۽ مقابلو سخت واري صورتحال آهي ۽ فيصلي لاءِ صرف آچر جو ڏينهن بچو آهي. جيڪڏهن ڌرين صورتحال کي هوش بدران جوش سان هينڊل ڪيو ته خون خرابو ته ٿيندو ئي ٿيندو پر اهو ڪجهه ٿيندو جنهن ڀيانڪ منظر ۽ نتيجن جو شايد تصور حڪومت کي هجي نه ادارن کي ادراڪ هجي.

پهنجو تبصرو موڪليو