سوئيز عورت سفارتڪار ۽ ساٿين کان ڦر جو انوکو واقعو

سوئيز عورت سفارتڪار ۽ ساٿين کان ڦر جو انوکو واقعو

اسلام آباد (رپورٽ اياز مهر) سوئس سفارتڪار عورت ۽ سندس 5 ساٿين کان ڦر جو انوکو واقعو پيش آيو آهي. ڦورن کين ٻين ماڻهن کي ڦريو ويو، ڇهن ڪلاڪن تائين يرغمال بڻائي رکيو ويو ۽ اي ٽي ايم مان وڌيڪ پئسا ڪڍڻ تي مجبور ڪيو ويو. پوليس ذريعن موجب، هڪ پرڏيهي عورت ۽ سندس پنج پاڪستاني ساٿين گولڙا ٿاڻي جي حد ۾ شاهه الله دته وٽ گاڏيون پارڪ ڪيون ۽ ٽيڪسيلا جي حد ۾ واقع ٻڌا جي اسٽوپا ڏانهن موٽرسائيڪلن تي روانا ٿيا. ”جڏهن اهي هڪ ٽڪريءَ تان لنگهي رهيا هئا ته کين ڌاڙيلن روڪيو، جن سندن موبائل فون، ڪيش ۽ واچون ڦري ورتيون. ”بعد ۾، هنن عورت سميت 4 ماڻهن کي حراست ۾ رکيو ۽ ٻن ماڻهن کي وڃڻ جي اجازت ڏني ته اي ٽي ايم مان رقم ڪڍرئي اچن. کين ڌمڪايو ويو ته پوليس کي اطلاع ڏيڻ جي صورت ۾ سندن ساٿين کي قتل ڪيو ويندو. 4 ڪلاڪن بعد هو هڪ لک 20 هزار ڪيس کڻي آيا ته کين ڦورن ڇڏي ڏنو. اسلام آباد پوليس جو چوڻ آهي ته گاڏيون اسانجي حد ۾ پارڪ ڪيون ويون ۽ ڦر جو واقعو ڪي پي ڪي جي ضلعي حريپور ضلعي ۾ ٿيو آهي ان ڪري واسطيدار پوليس جاچ ڪري پئي.

پهنجو تبصرو موڪليو