سانگھڙ  ۾  نوان ڪپڙا نه وٺي ڏيڻ تان نوجوان ناري جو آپگهات

سانگھڙ ۾ نوان ڪپڙا نه وٺي ڏيڻ تان نوجوان ناري جو آپگهات

سانگھڙ: (ن س) سانگھڙ لڳ هولي جي تهوار تي نوان ڪپڙا نه وٺي ڏيڻ تان 17 ورهين جي ناري آپگهات ڪري ڇڏيو آهي.سانگهڙ ويجهو سنجهوري شهر جي وارڊ نمبر 4 ۾ مبينا طور هولي جي تهوار تي نوان ڪپڙا نه وٺي ڏيئڻ تان 17 ورهين جي ناري پوجا ڌيءَ موهن ڀيل مبينا آپگهات ڪري ڇڏيو آھي. پوجا ڀيل استري جي تار گلي ۾ ويڙهي ڇت جي ڪاٺ سان ٻڌي پنهنجي پاڻ کي لٽڪائي مبينا آپگهات ڪيو.واقعي بابت ناري جي والد موھن ۽ ڀيڻ سورمي جو چوڻ ھيو ته فوتي ناري عيد جا ڪپڙا نه وٺي ڏيڻ تان اھڙو سنگين قدم کنيو آھي.پوليس موجب واقعي جي ھر رخ کان جاچ ڪري رهيا آهيون.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو