ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ ٽريفڪ مئنيجمينٽ پروگرام ۾ گوگل سان مڪمل تعاون ڪندي.سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان آمريڪي قونصل جنرل ڪانراڊ ٽربل ملاقات ڪئي.ڪراچي ۾ ٿيل اجلاس ۾ ڊائريڪٽر يو ايس ايڊ مشن، چيئرمين پي اينڊ ڊي ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي.ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته يو ايس ايڊ سنڌ ۾ تعليم جي شعبي ۾ ڪجهه نوان منصوبا کڻي آيو آهي.يو ايس ايڊ جي مشن ڊائريڪٽر چيو ته يو ايس ايڊ موسمياتي تبديلي جي منصوبي کي تعليم ۾ آڻڻ چاهي ٿي.سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ٻوڏ سبب اسڪولن جون وڏيون عمارتون متاثر ٿيون آهن، اسان چاهيون ٿا ته يو ايس ايڊ انهن متاثر اسڪولن جي عمارتن جي تعمير ۾ تعاون ڪري.يو ايس ايڊ جي مشن ڊائريڪٽر يقين ڏياريو ته يو ايس ايڊ اسڪول جي عمارتن جي تعمير ۾ مڪمل سهڪار ڪندي.سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ ٻوڏ سبب 21 لک گهر متاثر ٿيا آهن، 5 هزار گهرن جي تعمير لاءِ فنڊ جاري ڪيا ويا آهن، هڪ هزار گهرن جي تعمير مڪمل ٿي چڪي آهي.يو ايس ايڊ جي مشن ڊائريڪٽر چيو ته هو ماءُ جي ٻارن جي غذائيت تي سنڌ ۾ ڪم ڪرڻ چاهين ٿا.سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته حڪومت سماجي تحفظ جو کاتو قائم ڪيو آهي، سوشل ويلفيئر کاتي پاران غذائي کوٽ بابت منصوبي تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي.سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي ترجمان موجب اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته يو ايس ايڊ ۽ پي اينڊ ڊي ڊپارٽمينٽ وچ ۾ الڳ الڳ اجلاس ٿيندو، جنهن ۾ ٻوڏ متاثر اسڪولن جي تعمير ۽ غذائي کوٽ جي منصوبن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي.سنڌ جي وڏي وزير جي ترجمان چيو آهي ته سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه يو ايس ايڊ جو صوبائي حڪومت سان سهڪار تي شڪريو ادا ڪيو.ان موقعي تي آمريڪي قونصل جنرل چيو ته گوگل ڪراچي ۾ ٽريفڪ مينيجمينٽ پروگرام شروع ڪرڻ چاهي ٿو.سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت ان سلسلي ۾ گوگل سان مڪمل تعاون ڪندي.










