شهدادڪوٽ (شاهد اعواڻ) لطيفي فلسفي کي سمجھڻ لاءِ تعليم جو هجڻ ضروري آهي، لطيفي پيغام سان ئي انتهاپسندي جو خاتمو آڻي سگھجي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار شهدادڪوٽ ڀرسان ڳوٺ سيلرا جي پرائمري بوائز اسڪول پاران شاعرن جي سرتاج شاهه عبدالطيف ڀٽائي جي 276 هين عرس مناسبت سان ڪوٺايل تقريب ۾ ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر ديدار وڳڻ، ڊپٽي ڊي اي او حاڪم علي بروهي، هيڊ مسٽريس حنا لانگاهه ۽ ٻين استادن خطاب ڪندي ڪيو. هنن چيو ته تعليمي سرگرمين دوران شاگردن جي ذهني نشونما وڌائڻ لاءِ اهڙي قسم جا پروگرام مددگارثابت ٿين ٿا جنهن وسيلي ٻارڙن ۾ لڪل ٽيلنٽ ظاهر ٿئي ٿو. تقريب ۾ ڳوٺ سيلرا جي بوائز ۽ گرلس پرائمري اسڪولن شاگردن ،شاگردياڻين وچ ۾ شاهه عبدالطيف ڀٽائي جي زندگي شاعري فڪري سوچ جي حوالي سان تقريري مقابلا ٿيا جڏهن ته شاگردن شاگردياڻين طرفان ٽيبلوز پيش ڪري لطيف کي ڀيٽا پيش ڪئي. ان موقعي تي استادن محمد يارسيلرو ، محمد صادق سيلرو ، محمد يونس سيلرو ، ڪامريڊ عرس سيلرو، پ ٽ الف اڳواڻ ممتازوڌو، محمد صالح سيلرو، استاد عزيزالله سيلرو، استاد محمد اعظم سيلرو ، ذولفقارسيلرو ۽ ٻين شرڪت ڪئي.تقريب جي آخر ۾ جھوني ڪامريڊ کبڙخان سيلرو لطيف جو ڪلام پيش ڪري پروگرام کي راحت بخشي ۽ مختلف تقريبن ۾ پوزيشن کڻندڙ شاگردن ۾ انعام ورهائي سندن حوصلا افزائي ڪئي وئي.










