ڊي آءِ خان (ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جو چوڻ آهي ته عمران خان کي رڳو ملڪ جو فڪر آهي، ملڪ سان ڇا ڪيو ويو آهي، انتظار آهي ته اهي سازشون ڪڏهن بي نقاب ٿينديون. ڊي آءِ خان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي علي امين گنڊاپور چيو ته پي ٽي آءِ جي باني سان ٻه ملاقاتون ٿيون، کيس رڳو ملڪ جو فڪر آهي.علي امين گنڊاپور چيو ته ملڪ سان جيڪو ڪجهه سازش تحت ڪيو ويو هو جلد عوام آڏو اچي ويندو، هاڻي انتظار ڪري رهيا آهيون ته اهي سازشون ڪڏهن سامهون اينديون.هڪ سوال جي جواب ۾ علي امين گنڊاپور چيو ته اسان کي سڌارڻو آهي ۽ اڳتي وڌڻو آهي، جيڪڏهن انتقام تي هلندا رهياسين ته سڌارو ممڪن نه ٿيندو، اسان کي سماج کي ٺيڪ ڪرڻو آهي ۽ سڌارو ڪرڻو پوندو.هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو ته جيڪڏهن رياست پنهنجي عوام کي بنيادي سهولتون نٿي ڏئي سگهي ته ڇا چئجي.










