لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ ريسٽورنٽ کي افطار کان سحري تائين کولڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.جسٽس شاهد ڪريم سموگ جي خاتمي بابت گذريل ٻڌڻي تي لکيل حڪم نامو جاري ڪيو.عدالت اسڪول جي ٻارن کي هفتي ۾ هڪ ڏينهن ماحوليات بابت عملي ڪارروائي ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته ايندڙ ٻڌڻي تي نصاب بابت رپورٽ پيش ڪئي وڃي.لکت واري حڪم ۾ چيو ويو آهي ته پبلڪ پراسيڪيوٽر جي رپورٽ موجب سمورن ٽائر برننگ يونٽن جي بجلي بند ڪئي وئي آهي، ليسڪو عملدارن کي وڻ ڪٽڻ بند ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.لاهور هاءِ ڪورٽ چيو آهي ته ليسڪو جيڪڏهن ڪو وڻ ڪٽڻو آهي ته پهريان پي ايڇ اي کي آگاهه ڪري.










