راولپنڊي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته پاڪستان آرمي ٽيم اسپرٽ باهمي طور تي سکڻ لاءِ صحيح فورم آهي ۽ هي جنگ جي تبديل ٿيندڙ ماحول ۾ٽيم جي جذبي کي مضبوط ڪندو آهي، آءِ ايس پي آر مطابق ستين پاڪستان آرمي ٽيم اسپرٽ مشق 2024ع جي پڇاڻي واري تقريب منتقد ٿي، جنهن جو خاص مهمان آرمي چيف جنرل عاصم منير هو، آرمي چيف تقريب کي خطاب ڪندي مشق جي مختلف مرحلن دوران ٽيمن جي پيشوراڻي مهارت، جسماني ۽ ذهني صلاحيتن ۽ حوصلي کي ساراهايو، آرمي چيف چيو ته ان مقصد لاءِ پاڪ فون ڪردار، جرئت، قابليت جي صفتن کي برقرار رکيو آهي، هي صفتون دهشتگردي خلاف جنگ ۾اسان جي جوانن ڀرپور طريقي سان ڏيکاريون آهن، آرمي چيف مشق ۾ شرڪت ڪندڙن کي انفرادي ۽ ٽيم ايوارڊ سان به نوازيو، تقريب ۾ شرڪت ڪندڙ پرڏيهي مبصرن ۽ عملدارن به شرڪت ڪئي.










