لاهور(ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ اڳواڻ راجا بشارت جو چوڻ آهي ته ايئر ايمبولينس منصوبو مريم نواز جو نه پر پرويز الاهي جو منصوبو هو.هڪ بيان ۾ راجا بشارت چيو ته پنجاب ۾ ايئر ايمبولينس جو منصوبو پرويز الاهي جو هو، اهو مريم نواز جو ڪو قدم ناهي.هن چيو ته منصوبي تي ڪم 2003ع ۾ شروع ڪيو ويو، ميو اسپتال لاهور ۾ ايمبولينس هيليٽور ٺاهيو ويو، شهباز شريف حڪومت منصوبي تي ڪم روڪيو.راجا بشارت چيو ته پي ٽي آءِ جي دور ۾ منصوبي تي ٻيهر ڪم شروع ڪيو ويو، دوست ملڪ کان ايئر ايمبولينس وٺڻ جو به معاهدو ٿيو.
مشهور خبرون










