اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخواهه، بلوچستان ۽ پنجاب ۾ مختلف حادثن جي نتيجي ۾ 10 ڄڻا فوت ۽ 4 زخمي ٿي پيا.خيبرپختونخواهه جي علائقي مهمند ۾ ڪار ۽ مسافر بس وچ ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا فوت ۽ هڪ شخص سخت زخمي ٿي پيو.زخمي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ پشاور جي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته حادثي بعد ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو، جنهن جي ڳولا جاري آهي،بلوچستان جي ضلعي لسبيلا جي علائقي ڪنڊياري وٽ 2 مسافر بسن ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا فوت ۽ 5 زخمي ٿي پيا.ٻئي طرف پنجاب جي علائقي ڀڪر ۾ گڊولا ريلوي ڦاٽڪ وٽ ايمبولينس ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا موقعي تي ئي فوت ٿي ويا.حادثي بعد فوتين جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.










